انسانيت جو ازلي ورثو

انسانيت جو ازلي ورثو (ڪتاب ):اسلامي دنيا جي وڏي مدبر، مفڪر، ۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي عظيم شاهڪار ۽ علمي ڪاوش ”ترجمان القرآن“ جي چئن جلدن مان اهم موضوعن جي چونڊ ۽ نچوڙ، مشهور ليکڪ ۽ پبلشرز نوراحمد ميمڻ ترجمي ۽ تلخيص جي صورت ۾ ”انسانيت جو ازلي ورثو“ عنوان سان ڊيمي سائيز جي 170 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، فيبوري 1997ع ۾ ٻيو ڇاپو نومبر 1997ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ هڪ سال اندر هن ڪتاب، 6000 جي تعداد ۾ وڪرو ٿي، سنڌي ڪتابي دنيا ۾ هڪ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 40 رپيا آهي. ڪتاب جي موضوعن ۾ معبود بابت تصور، پالڻهار جي صفت، صفت رحمت ۽ انسان، خدا جي صفت عدل، وحدت دين، وحدت انساني، اسلام جو پيغام، شڪ ۽ يقين شامل آهن. هيءُ ڪتاب ماڻهن ۾ ديني فڪر جي معلومات ۽ رهنمائيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو